Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

پيارا اسلامي ڀائرو! هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، الحمد لله ذوالحج جو مبارڪ عشرو جاري و ساري آهي جنهن ۾ روزانو ئي مدني مذاڪرو ٿي رهيو آهي. تمام ذميدار ۽ عاشقِ رسول هنن مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به هن جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهن جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو سني عالمن جي مڪي مديني جا 17 واقعات جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الاهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شئير (Share) ڪيو! قرباني اسلام جو هڪ اهم فريضو آهي هر سال مسلمان هن فريضي کي انجام ڏيندا آهن، ڪٿي نه ڪٿي اسان کي هي خيال ضرور ايندو هوندو ته اسان قرباني ڇو ڪندا آهيون ۽ هن جا فائدا ڪهڙا ڪهڙا آهن، انهن ڳالهين کي ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جا 2 رسالا قرباني ڇو ڪندا آهيون ۽ جانورن جي باري ۾ دلچسپ معلومات مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 20، 20 روپيا قيمت ڏئي طلب ڪيو، پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                    جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔