Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

انهن جي پويان هلندو وڃ! سڀ تنهنجي پويان هلندا

هڪ ڀيرو سيدي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مهائم شريف (هند) جي هڪ مجذوب سان ملاقات لاءِ تشريف کڻي ويا، حضرت عبد السلام جبل پوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڻ گڏ هئا. مفتي بُرہان الحق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن اسين انهن وٽ پهتاسين ته مجذوب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مٿي تي عمامو شريف سجائي، تخت تي ويٺا دلائل الخيرات شريف پڙهي رهيا هئا.

انهن اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خوب مهمان نوازي ڪئي، جڏهن واپس اچڻ لڳا ته مون ان مجذوب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو قدم مبارڪ پڪڙي عرض ڪيو: منهنجي لاءِ دعاءِ خير ڪري ڇڏيو! ان مجذوب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  منهنجي پٺيءَ تي هٿ رکيو ۽ سيدي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو: انهن جي پويان هلندو وڃ! سڀ تنهنجي پويان هلندا.[1]

میں گرفتارِ بلائے دوجہاں                                                                                                           ہر بَلا سے کر رِہا! احمد رضا!

تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رَنْجُ و غَم                                                                             مجھ پہ بھی چشمِ عطا! احمد رضا!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد

رضا جي فيض کي سڄي دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو

پيارا اسلامي ڀائر! الحمد للہ! اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي الله پاڪ جو هيءُ وڏو ڪرم آهي، تمام وڏو احسان آهي جو هن دور ۾ سندن نالو حق جي سڃاڻپ آهي.

هاڻي هڪ خوبصورت ڳالهه عرض ڪريان؛ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حق جي سڃاڻپ آهن ۽ الحمدللہ! عاشقِ اعلى حضرت، اميرِ اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي سڀني گهروارن کي، سڀني مريدن کي، سڄي چاهيندڙن کي عاشقِ اعلى حضرت بڻائي


 

 



[1] فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ:340۔