Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

سال اڳ جي ڳالھ آهي، هند جو هڪ وڏو عالمِ دين عالمي مدني مرڪز "فيضانِ مدينه" (ڪراچي، پاڪستان) ۾ تشريف کڻي آيو، جڏهن ڏاڪڻيون چڙهي ڪري هن فيضانِ مدينه جي وسيع صحن ۾ قدم رکيو ۽ عالمي مدني مرڪز جي عمارت ۽ عاشقانِ رسول جي ڪثرت ڏٺي، ته ٿڌي آهه ڀريائين ۽ فرمايائين: امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  دين جي خدمت جو جيڪو خواب ڏٺو هو، اڄ مان جاڳندي اکين سان ان جي تعبير ڏسي رهيو آهيان. ([1])

اللہ کی نعمت ہے، یہ دعوتِ اسلامی                                                                                   آقا کی عنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

رَحمٰن کی رحمت ہے، یہ دعوتِ اسلامی                                                                    شیطاں کی ہلاکت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

سب نبیوں کی ، ولیوں کی ، اصحاب کی اہلِ بیت                                    کی خاص عنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

فیضانِ رضا ہے اور ، یہ غوث کا فیضاں ہے                                                 خواجہ کی حِمایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد

اعليٰ حضرت جا 10 ارشادَ ۽ دعوتِ اسلامي

پيارا اسلامي ڀائرو! ان عالمِ دين اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي جنهن خواب جو ذڪر ڪيو، اهو خواب ڇا هو؟ اهو اصل ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي بيان ڪيل دين جي خدمت جا 10 نِڪات آهن، جيڪي فتاوى رضويہ شريف ۾ لکيل آهن. اهي 10 نڪتا ڪهڙا آهن؟ اهي به ٻڌون ٿا ۽ دعوتِ اسلامي انهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ارشادن تي ڪيئن عمل ڪري رهي آهي؟ اهو به ٻڌون ٿا.

   اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: وڏي پيماني تي دين جي خدمت لاءِ ضروري آهي ته (1) مدرسه قائم ڪيا وڃن، باقاعده استاد رکيا وڃن. الحمدلله! دعوتِ اسلامي ان تي عمل ڪيو، هن وقت (آگسٽ 2024 تائين) دعوتِ اسلامي جي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ تقريباً 7 هزار 371 جامعات ۽ مدارسُ المدينه (بوائز


 

 



 [1]فیضانِ امام اہلسنّت، صفحہ:9۔