Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جي تلاوت تڏهن ئي عبادت چورائيندي جڏهن ان کي درست انداز ۾ عربي لب و لهجي ۾ پڙهيو وڃي، قرآن ڪريم کي درست انداز ۾ پڙهڻ سکڻ، بنيادي فرائض علوم ڄاڻڻ، ۽ کوڙ سنتن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ ئي مدرسة المدينه بالغان ۾ داخلا وٺو! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
* هر هفتي اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو ڪندا آهن، ايندڙ هفتي به رات عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب به عطا فرمائيندا. تمام ذمّه داران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
* شيخِ طريقت، امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”فيضانِ دعوت اسلامي (اسپيشل ماهوار)“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏيو ۽ سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي نيت سان ٻين سان به شيئر ڪريو! * اعليٰ حضرت کي 100 کان وڌيڪ علوم تي مهارت حاصل هئي، ۽ سندن تقريبن 1 هزار ڪتاب تحرير ڪيائون، فتاويٰ رضويه انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ نمايان آهي، جنهن کي فقه حنفي جو انسائيڪلوپيڊيا چيو وڃي ته بي جا نه ٿيندو، مڪتبة المدينه ان ۾ موجود هڪ رسالو بنام اعليٰ حضرت کان سوال جواب کي شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي، هي رسالو مختلف موضوعن تي اعليٰ