Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
حضرت کان ٿيڻ وارن سوالن جي جوابن تي مشتمل آهي. اوهان هي رسالو مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 70 روپئي ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا. اڄ ئي اهو رسالو خريد ڪيو! پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدار رسالت،شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. [1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حِلم(بُردباري) مصطفى ڪريم جي سنت آهي
مصطفى ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 2 فرمانَ: (1): حِلم وارو دنيا ۾ به سردار آهي، آخرت ۾ به سردار آهي.[2](2): حِلم جي ذريعي انسان ڏينهن ۾ روزو رکڻ ۽ رات جو قيام (يعني عبادت) ڪرڻ واري جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي.[3]
اي عاشقانِ رسول! حِلم سُنّتِ مصطفى آهي. * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به بغير وجهه جي غصو نه ڪيو. * پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ذات جي حوالي سان ڪنهن کان بدلو نه وٺندا هئا. * گذريل آسماني ڪتابن ۾ سندن هي وصف به بيان ٿيو: پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ