Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نوراني چهرو چمڪائيندي تشريف فرما ٿيا. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي تلقين ڪئي ته علامه ڪاظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مدرسي ۾ ئي پڙھو! اهي ئي صحيح رستي وارا آهن.
اہلِ ایمان تو کیوں پریشان ہے رَہبری کو تیری کَنْزُالْایمان ہے
ہر قدم پر یہ تیرا نگہبان ہے یا خُدا یہ اَمانت سَلامت رہے
مسلکِ اعلیٰ حضرت سَلامت رہے
لاکھ جلتے رہیں دُشمنانِ رَضا کم نہ ہوں گے کبھی مَدْحَ خوانِ رَضا
کہہ رہے ہیں سبھی عاشقانِ رَضا مسلکِ اعلیٰ حضرت سَلامت رہے
مسلکِ اعلیٰ حضرت سَلامت رہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
حق جي سڃاڻپ لاءِ اسلامي تعليمات
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! اسان جو پيارو دين اسلام سچو دين آهي، هاڻي قيامت تائين هي ئي دين هوندو، هاڻي نه ڪو نئون نبي ايندو، نه ڪو نئون دين ٿيندو، اسان کي اسلام جي مزاج سان ڪجهه واقفيت حاصل ڪرڻ گهرجي، ڳالهه قيامت تائين جي آهي، گذريل تقريباً ساڍن 14 صدين ۾ هزارين فتنا اٿيا، اڳتي به قيامت تائين فتنا اٿندا رهندا، انهن فتنن جي وچ ۾ حق کي سڃاڻڻ لاءِ اسلام اسان کي ڇا تعليم ڏئي ٿو؟ هن تعليم کي سٺي طرح سمجهڻ جي ضرورت آهي، حق جي سڃاڻپ جي باري ۾ اسلام جو مزاج ڇا آهي؟ اڄ هن مزاج کي پنهنجن سينن ۾ سمائڻ جي وڏي ضرورت آهي.
حق جي سڃاڻپ جي باري ۾ اسلام جو مزاج ڇا آهي؟ قرآنِ ڪريم مان ڪجهه مثالون مان اوهان جي سامهون رکان ٿو: