Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

اي جميل قادري! انهن خوش نصيبن کي مبارڪ باد ڏيو! جن جا پير احمد رضا خان قادري آهن۔

حق کي سڃاڻڻ جو طريقو

ڪنهن شخص پڇيو هو ته ماڻهو فرقن ۾ ورهائجي ويا آهن، حق کي ڪيئن سڃاڻجي؟ جواب ڏيندڙ نھايت خوبصورت جواب ڏنو، چيائين: پياري آقا       صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنّتي گروهه جي سڃاڻپ ٻڌائي ته "مَا اَنَاعَلَیْہِ وَ اَصْحَابِیْ" يعني جيڪو منهنجي طريقي تي آهي، منهنجي صحابه جي رستي تي آهي، اهو جنّتي گروهه آهي. تفصيلي عقيدا ۽ نظريا پنهنجي جاءِ تي پر سمجهڻ لاءِ هڪ ننڍي مثال پنهنجي ذهن ۾ رکو! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي ڏينهن رات جو وظيفو هو، ڳالهه ڳالهه تي چوندا هئا: " فِدَاکَ اُمِّیْ و اَبِیْ یَارَسُوْلَ اللہ" يعني يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿي وڃن.

چوڻ واري چيو: بس هي هڪ ڳالهه ڏسي وٺو ته اڄ جي دور ۾ ڪنهن جي زبان تي آهي؟ برصغير ۾ وڏا وڏا اديب به ٿيا، وڏا وڏا شاعر به آيا، وڏا وڏا مصنف به ٿيا، وڏا وڏا محقق به ٿيا، پر هن زمين تي هڪ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن جن چيو:

کروں تیرے نام پہ جاں فدا، نہ بس ایک جاں دو جہاں فدا

دو جہاں سے بھی نہیں جی بھرا، کروں کیا کروڑوں جہاں نہیں([1])

هڪ طرف صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو اندازِ عشق آهي، ٻي طرف اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اندازِ عشق آهي، اعلى حضرت جي عشق ۾ عشقِ صحابه جو فيضان صاف نظر اچي ٿو، هن ۾ اشارو آهي ته اڄ جي دور ۾ حق جي سڃاڻپ جيڪڏهن ڪا آهي ته اهي اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  آهن.


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:344۔