Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
اچن ته اهو حقيقت ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جو شرف ماڻيندو آهي ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ جيڪو فرمائن، اهو يقيناً حق، حق ۽ حق ئي هوندو آهي. ها! ان جي صحيح تعبير سمجھڻ ضروري آهي.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
الحمد لله! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪرم آهي جو سندن وقت بوقت حق تلاش ڪندڙن جي خواب ۾ تشريف فرما ٿيندا ۽ انهن کي سڌي رستي جي سڃاڻپ ڪرائيندا آهن. ربّ رحمٰن جو وڏو ڪرم آهي جو اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خوابن ذريعي اسان عاشقانِ رسول جي سچن عقيدن جي تصديق فرمائيندا آهن. ملتان شريف جو واقعو آهي، هڪ طالب علم هو، جيڪو ڪنهن بد مذهب وٽ علم حاصل ڪندو هو. بد مذهب ته ظاهر آهي بد مذهب ئي هوندو آهي، ان کان عشقِ رسول ڪيئن حاصل ٿي سگهي ٿو؟ سو اهو طالب علم ان بد مذهب جون ڳالهيون ٻڌندو هو، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي باري ۾ ان جون گستاخيون ٻڌندو هو، پريشان به ٿيندو هو، آخرڪار هڪ دفعي اهو طالبِ علم غزاليءِ دوران حضرت علامه ڪاظمي شاهه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ اچي ويو، سندس ذهن پريشان هو، سمجهي نه پئي سگهيو ته ڪير سڌي رستي تي آهي. علامه احمد سعيد ڪاظمي شاهه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان سان گفتگو ڪئي ۽ فرمايو: توکي صحيح رستي جي سڃاڻپ گهرجي! اڄ رات ٿي ويندي.
غزاليءِ زمان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هي فرمان ڇا هو، کُلي ڪرامت هئي، اهو طالب علم رات جو سمهي پيو ته سندس قسمت جاڳي پئي، خواب ۾ پيارا آقا، نور وارا