Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

خبر پئي؛ اسلام جو مزاج اهو آهي ته اسلام شخصيتن کي حق جو معيار قرار ڏئي ٿو، نبي ته هاڻي ڪو نٿو اچي سگهي، اسان جا پيارا نبي حضرت محمد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن، نبوت جو دروازو سندن تي بند ٿي چڪو، قيامت جي ويجهو صرف حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف آڻيندا، اهو به نبي جي حيثيت سان نه بلڪ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امتي جي حيثيت سان ايندا، مطلب ته: نبوت جو دروازو هاڻي قيامت تائين بند آهي، ڪو به نئون نبي هاڻي نه ايندو. البته قيامت تائين صديق به ايندا رهندا، شهيد به ايندا رهندا ۽ صالح به ايندا رهندا، هر دور ۾ هي بلند مرتبه ماڻهو حق جي سڃاڻپ آهن، انهن جي پويان هلندڙ ئي سڌي رستي تي رهي ٿو.

جن پہ ہے اِنعام تیرا اے خُدا                                                                     راہ پر اُن کی چلیں ہم تاحیات

ربّ جي طرف رجوع رکڻ وارا حق جو معيار آهن

هن ڳالهه جي هڪ ٻي مثال ٻڌو! اسلام جو ابتدائي دور هو، مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڪلمو پڙهي چڪا هئا، سندن ڪلمو پڙهڻ سان ئي ٻين کي اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي، سندن دعوت جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿيا، انهن مسلمان ٿيڻ وارن ۾ هڪ نالو حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو به هو.

توهان کي خبر آهي ته ان وقت جيڪو ڪلمو پڙهندو هو، ان کي مختلف قسم جي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو هو، مڪي وارا تڪليفون پهچائيندا ها، ڪنهن کي تپندڙ واريءَ تي ليٽائي ڇڏيندا ها، ڪنهن کي ماريندا ها، رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيندا ها، هزارين قِسم جون تڪليفون ڏيندا ها. هن