Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

۾ تصوف به آهي[1].

اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي ڪتابن کي پڙهڻ جو شوق

امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: الحمد لله! منهنجي خوش نصيبي آهي جو مان اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان متاثر ٿي ويس ۽ پوءِ هيءَ عقيدت ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. جڏهن مون جواني جي چائنٺ تي قدم رکيو ته ڪنهن لائبريري جو ميمبر ٿي ويس. اتان کان مان اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فتاويٰ جا مجموعا جهڙوڪ * احڪامِ شريعت، * عرفانِ شريعت، * ۽ ملفوظاتِ اعلى حضرت وغيره وٺندو هئس ۽ انهن کي ٿورو ٿورو ڪري پڙهندو هئس جو جيڪڏهن اهي ختم ٿي ويا ته پوءِ ڇا پڙهندس؟ هي منهنجا جذبات هئا، انهن ڪتابن ۾ شرعي مسئلا پڙهي مون کي تمام گهڻو مزو ايندو هو ته مان پڙهندو ويندو هئس. لغڙ اڏائڻ ڪيئن آهي؟ جهينگو کائڻ ڪيئن آهي؟ هن قسم جا دلچسپ مسئلا، جيڪي عام طور تي عوام کي معلوم ناهن هوندا، انهن کي پڙهي لطف ايندو هو. "فتاويٰ رضويه شريف" جو ته شايد ان وقت نالو به نه ٻڌو هو. بہرحال الله پاڪ وڏو ڪرم فرمايو جو پنهنجي وليءِ ڪامل، عاشقِ رسول ۽ عظيم عالمِ دين ۽ مفتيِ اسلام جو دامن عطا فرمايو. عالم ۽ مفتي ته ٻيا به گهڻا آهن پر احمد رضا جهڙو ڪوبه ناهي.  هاڻي ٻه چار صدين ۾ سندن جهڙو ڪو پيدا ٿيو هجي منهنجي معلومات ۾ ناهي.

اگلوں نے بھی لکھا ہے بہت علمِ دین پر                                                            جو کچھ ہے اس صدی میں وہ تنہا رضا کا ہے

امير اهلِ سنت جون نصيحتون

پيارا اسلامي ڀائر! الحمد لله! امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ عطّارين کي، پنهنجي چاهيندڙن کي، بلڪه سڀني عاشقانِ رسول کي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دامن سان وابسته رهڻ جي تلقين ڪندا رهن ٿا. پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن


 

 



[1] امیرِ اہلِ سنت کی کہانی انہی کی زبانی ، قسط 6