Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

عاشقِ رسول کي سڃاڻڻ جو نرالو انداز

مڪي پاڪ ۾ مالڪي فقه جا هڪ عظيم مفتي ها؛ علامه شيخ سيد محمد عَلۡوِي مالڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مولانا احمد رضا خان بريلوي سان محبت سنّيت جي علامت آهي ۽ انهن سان بغض ۽ عداوت بدعت جي علامت آهي. ([1])

حضرت علامه قادر بخش سَهۡسَرامي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا عالمِ دين ٿي گذريا آهن، هڪ دفعي ماڻهن پڇيو ته اسان کي عاشقِ رسول سني ۽ بدمذهب جي سڃاڻپ جو ڪو سادو قاعدو ٻڌايو! پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: جنهن ماڻهو جي باري ۾ اهو معلوم ڪرڻو هجي ته بدمذهب آهي يا عاشقِ رسول آهي ته ان جي سامهون مولانا احمد رضا خان صاحب جو ذڪر شروع ڪيو! جيڪڏهن چهري تي مسڪراهٽ اچي ته سمجهي وڃو ته اهو عاشقِ رسول سني آهي ۽ جيڪڏهن منهن بِگاڙي ته سمجهي وڃو ته بدمذهب آهي. ([2])

جلوہ ہے نور ہے کہ سراپا رضا کا ہے                                               تصویرِ سُنّیت ہے کہ چہرہ رضا کا ہے

اس دورِ پُرفتن میں نظؔر خوش عقیدگی                                                     سرکار کا کَرم ہے وسیلہ رضا کا ہے

وضاحت: حضور اعلٰي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو جسم مبارڪ الله پاڪ جي نور ۽ تجليات جو مظھر آهي ۽ سندن چهرو مبارڪ سنّيت جي پهچان آهي. الله پاڪ جي ڪرم سان جيڪڏهن اڄ اسان کي سٺو عقيدو حاصل آهي ته اهو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪرم سان ۽ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي وسيلي سان   حاصل آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 


 

 



[1]...جہانِ امام احمد رضا، جلد:14، صفحہ:40 ملخصاً۔

[2]...حیاتِ اعلیٰ حضرت، جلد:3، صفحہ:274 ملخصاً۔