Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
حيدرآباد (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته 1990ع جي ڳالهه آهي، بدعقيدي اسان جي خاندان ۾ پکڙجي چڪي هئي. مان پاڻ پريشان هئس ته ڪهڙا ماڻهو سڌي رستي تي آهن، مون کي ڪنهن جي پويان هلڻ گهرجي. هڪ رات مون تمام گهڻي پريشانيءَ جي حالت ۾ هيءَ دعا گهري: يا الله پاڪ، مون کي صحيح عقيدو اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. ان کان پوءِ مان سمهي پيس. خواب ۾ مون کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿي، ويجھو ئي نوراني چهري وارا ٻه بزرگ به موجود هئا. انهن مان هڪ جي طرف اشارو ڪري حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هي احمد رضا آهن، انهن جي مسلڪ کي اپنايو! پوءِ ٻي هستي جي باري ۾ فرمايو: هي الياس قادري آهن، انهن جا مريد ٿي وڃو! جڏهن مان جاڳيس ته پنهنجي خوش نصيبيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيس. اَلحَمۡدُلله! ان ڏينهن کان مون اعلٰي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دامن مضبوطي سان پڪڙي ورتو ۽ امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه سان بيعت ڪري عطاري به ٿي ويس. دعوت اسلامي جي ديني ماحول جي برڪت سان اڄ منهنجو سڄو خاندان عاشقِ رسول