Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

ڪتابون ڪيئن پڙهن؟ ايترو وقت ڪيئن ڪڍون؟ تنهنڪري آسان طريقو آهي، 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ڪري وٺو، انشآءَ الله الڪريم! انهن وڏن وڏن ڪتابن جو نچوڙ اسان کي سيکاريو ويندو آهي * پوءِ ديني ماحول به ملندو * نيڪ ماڻهن جي صحبت به نصيب ٿيندي، جنهن جون پنهنجون ئي برڪتون آهن.

 2 ڀائرن جي اصلاح جو راز

 هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان طرح طرح جي گناهن ۾ مبتلا هئس، قسمت جو ستارو ايئن چمڪيو جو منهنجي وڏي ڀاءُ اسلامي ڀائرن جي سمجهائڻ تي 63 ڏينهن جي مدني تربيت واري ڪورس ۾ داخلا ورتي. ڪورس ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڀاءُ گهر آيو ته سڀ گهر وارا اهو ڏسي حيران رهجي ويا ته هو مڪمل طور تي بدلجي چڪو هو، سنتن سان ڀرپور لباس، مٿي تي عمامي شريف جو تاج هو. مان انهن جي اخلاق ۽ ڪردار کان تمام گهڻو متاثر ٿيس. الحمد لله! منهنجي ڀاءُ مون کي به نيڪيءَ جي دعوت ڏني ۽ مون کي هفتي وار سنتن ڀري اجتماع ۾ ساڻ وٺي آيو. ڀاءُ جي سمجهائڻ تي مون به 63 ڏينهن جي مدني تربيت واري ڪورس ۾ داخلا ورتي، جنهن ۾ شريعت جا ڪيترائي مسئلا، سنتون ۽ دعائون سکڻ جو موقعو مليو. مون تي منهنجي ڪريم ربّ جا ڪروڙ احسان آهن جنهن پنهنجي حبيب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي دعوتِ اسلامي جو پيارو پيارو ديني ماحول عطا فرمايو.

تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول                                   نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول

یہاں   سنّتیں   سیکھنے کو ملیں   گی                  دِلائے گا خوفِ خدا دینی ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد