Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
هڪ نيڪي آهي. * درود پاڪ جي برڪت سان رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي يقين وڌندو آهي، هيءَ ٻي نيڪي آهي. * درود پاڪ پڙهڻ ۾ تعظيمِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي، هيءَ ٽين نيڪي آهي. * درود پاڪ پڙهڻ سان آخرت تي ايمان پڪو ٿي ويندو آهي، هيءَ چوٿين نيڪي آهي. * درود پاڪ ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي احسانن جو ذڪر آهي، هيءَ پنجين نيڪي آهي. * درود پاڪ ۾ نيڪن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر آهي ۽ نيڪن جي ذڪر تي رحمت نازل ٿيندي آهي، هيءَ ڇهين نيڪي آهي.[1]
انهيءَ ريت ٻيون به کوڙ نيڪيون آهن جيڪي هڪ درود پاڪ جي ضمن ۾ اچن ٿيون. ان ڪري اسان کي گهرجي ته دل ۾ ايمان وڌائڻ، عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي پروان چاڙهڻ ۽ الله پاڪ جي رحمتن جو حقدار بڻجڻ لاءِ ڪثرت سان درود پاڪ پڙهندا رهون.
نبی کی شان میں ہو جس قدر دُرُود پڑھو! مُحِبَّو! پاؤ گے جنّت میں گھر دُرُود پڑھو!
جو اپنے کاموں کا انجام نیک چاہتے ہو ہر ایک کام میں تم پیش تر دُرُود پڑھو!
ہزار دَرد کو یہ ایک دَوا کفایت ہے جو پیش آئے ذرا بھی خطر دُرُود پڑھو!([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [3]