Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
اعليٰ حضرت چوندا آهن، اڄ جي فتنن واري دور ۾ سندن نالو حق جي سڃاڻپ آهي۔
آبروئے مومناں احمد رضا خاں قادری رہنمائے گمرہاں احمد رضا خاں قادری
علم میں بحرِ رَواں احمد رضا خاں قادری دِین میں گوہر فشاں احمد رضا خاں قادری([1](
وضاحت: مؤمنن جي عزت ۽ آبرو، گمراهن جي هادي ۽ رهنما، علم جي سمنڊ، دين جو فيض عام ڪرڻ واري کي احمد رضا خان قادري سڏيو وڃي ٿو.
اعلٰي حضرت تي الله پاڪ جا انعامَ
قرآنِ ڪريم ٻڌايو ته جن تي الله پاڪ جا خاص ديني انعام هجن، اهي سڌي رستي وارا آهن. هاڻي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي الله پاڪ جي انعامن جي هڪ جھلڪ ڏسو! * اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ صرف 4 سال هئي، اسان وٽ عام طور تي 4 سال جي ٻار کي صحيح ڳالهائڻ به ناهي ايندو، اڪثر ٻار ٻاتائي ڳالهائيندا آهن بلڪه ڪي ته هن عمر ۾ فيڊر پيئندا آهن پر اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 4 سال جي عمر مبارڪ ۾ ناظرہ قرآن ڪريم مڪمل ڪري چڪا هئا. * عام طور تي 6 کان 7 سال جي ٻارن جا ڏند ڪِرڻ شروع ٿيندا آهن، اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن عمر ۾ ڀريل ميڙ ۾ عالمن ۽ مشائخن جي موجودگي ۾ عربي ٻولي ۾ تقرير فرمائي رهيا هئا. * 13 سال جو ٻار هجي، انکي ڪٿي گڏ وٺي وڃڻو هجي ته کيس باقاعده سمجهائڻو پوندو آهي، پٽ! اُتي وڃي هي نه ڪجان، هو نه ڪجان، پر اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ 8 سال هئي، جڏهن سندن درسِ نظامي ۾ پڙهائي ويندڙ عربي ڪتاب