Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
دعوت اسلامي جي ڊيجيٽل سروسز موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ تمام فائديمند موبائل ايپلي ڪيشن بنام دعوتِ اسلامي ڊجيٽل سروسز Dawateislami Digital Services متعارف ڪرائي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن جي خوبي اها آهي ته هن ۾ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل سمورو مواد، جهڙوڪ دعوتِ اسلامي جون سڀ ويب سائيٽس، سوشل ميڊيا پيجز، ايپليڪيشنون گڏ ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن توهان ڪنهن ويب سائيٽ تي وڃڻ چاهيو ٿا، يا ڪنهن سوشل اڪائونٽ تي يا ڪا ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا، ته بس هن ۾ سرچ ڪريو ۽ اسلامي معلومات جو خزانو حاصل ڪريو. تنهنڪري اڄ ئي هن ايپلي ڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪريو ۽ ٻين سان به شيئر ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! اسان مسلمان آهيون، الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت، اسان جي ايمان جو تقاضو آهي، الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت جي علامت قرآن ڪريم سان محبت ڪرڻ آهي، اسان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآن ڪريم سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن(قرآن) کي سکڻ سيکارڻ وارن کي تمام انسانن کان بهتر قرار ڏنو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري. ([1]) هڪ ٻئي حديث پاڪ ۾ قرآن ڪريم جي تلاوت کي امت جي بهترين عبادت قرار ڏنو آهي. ([2])