Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
الله پاڪ جو ولي مڃون ٿا، نبي نٿا مڃون. الله پاڪ جا بيشمار اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم آهن، انهن مان هڪ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به آهن. ([1])
خواب ۾ اعليٰ حضرت جو ديدار نصيب ٿيو
هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: هڪ رات مان سمهي رهيو هئس ته منهنجي قسمت جاڳي پئي، مون کي خواب ۾ امامِ اهلِ سنت اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ديدار نصيب ٿيو. منظر ڪجهه ائين هو جو اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز پڙهائي رهيا هئا ۽ ڪجهه نوراني چهري وارا ماڻهو، جن جي مٿن تي عماما سجايل هئا ۽ سفيد لباس پهريل هو، سندن پويان نماز ادا ڪري رهيا هئا. ان کان پوءِ منهنجون اکيون کلي ويون، معلومات ڪيم ته خبر پئي ته هي سنتن ڀريو حليو جيڪو خواب ۾ ڏيکاريو ويو، هي دعوتِ اسلامي وارن جو آهي ۽ انهن جا امير مولانا الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ آهن. پوءِ مون کي اميرِ اهلِ سنت جو رسالو "تذڪره امام احمد رضا" پڙهڻ جو موقعو مليو، دل ته اڳ ئي مطمئن هئي، اميرِ اهلِ سنت جي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت ڏسي مان وڌيڪ متاثر ٿيس ۽ اميرِ اهلِ سنت جي هٿ تي بيعت ڪري عطاري بڻجي ويس. ([2])
مسلک کا تُو اِمام ہے اِلیاس قادری تدبیر تیری تام ہے الیاس قادری
سَر مستیٔ رضا کی ہر عالَم میں دھوم ہے ساقیٔ دورِ جام ہے الیاس قادری
سنّت کی خوشبؤوں سے زمانہ مہک اُٹھا فیضان تیرا عام ہے الیاس قادری
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي بڻايل پياري تحريڪ دعوتِ اسلامي، جيڪا سڄي دنيا ۾ دين جي خدمت ڪري رهي آهي، الحمد لله! هي به اصل ۾ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ئي فيضان آهي. ڪيترائي