Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

ان سان گڏوگڏ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي ۽ جيڪي به انهن جي رستي تي هلن، انهن کي حق جي سڃاڻپ ٻڌايو ويو، مطلب اهو آهي ته اُمت 73 فرقن ۾ ورهائجي ويندي، انهن مان هڪ ئي جنّتي آهي، باقي سڀ دوزخ ۾ ويندا، اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان ان هڪ جنّتي گروھ ۾ رهون، باقي دوزخين کان پري ٿي وڃون، هاڻي سوال هي آهي ته ان هڪ جنّتي کي سڃاڻبو ڪيئن؟ 73 مان هڪ کي ڳولبو ڪيئن؟ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڃاڻپ ٻڌائي، فرمايائون: ڏسو! جنهن جا عقيدا منهنجي صحابه جي عقيدن جهڙا هجن، ان جي پويان هلي پئجو، اهو ئي گروھ جنّتي هوندو.

هن دور ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  حق جي سڃاڻپ آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ۽ حديث جي هن تعليمات مان اسان کي معلوم ٿيو ته هر دور ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا ويندا آهن، جن تي الله پاڪ جو انعام هوندو آهي، جيڪي الله پاڪ ڏانهن رجوع رکڻ وارا هوندا آهن، جن جا عقيدا صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي عقيدن جهڙا هوندا آهن، جن جي ايماني ڪيفيت، عشقِ رسول ۽ اخلاق و ڪردار ۾ صحابه ڪرام رضي الله عنهم جو فيض نظر ايندو آهي، اهڙا بلند رُتبي وارا ماڻهو حق جي سڃاڻپ هوندا آهن.

   الحمد لله! الله پاڪ جو ڪرم ٿيو، ان ربِّ رحمٰن اسان تي فضل فرمايو ته گذريل صدي هجري ۾ بريلي جي سرزمين تي هڪ اهڙي مردِ قلندر کي پيدا فرمايو جيڪو پيدائشي طور تي ولي به هو، عشقِ رسول اهڙو جو عاشقن جا امام آهن، علم اهڙو جو وڏا وڏا عالم انهن جا شاگرد نظر اچن ٿا، مفتي اهڙا جو انهن کان وڏو مفتي اڄ جي دور ۾ نظر نٿو اچي، محدث به سڀني کان وڏا هئا، مفسر به وڏي ڪمال جا هئا، نالو انهن جو احمد رضا آهي، ماڻهو انهن کي