Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
ڇڏيو آهي. الحمد للہ! لکين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون اهڙا آهن جن کي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تعارف ۽ سندن محبت ۽ عقيدت اميرِ اهل سنت دامت برڪاتهم العاليه سان وابستگي جي بدولت نصيب ٿي آهي۔
فکرِ رضا کو کر دیا عالَم پہ آشکار یہ تیرا اُونچا کام ہے الیاس قادری
اميراهلسنت جي اعليٰ حضرت سان محبت
الحمد لله! امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان تمام گهڻي محبت آهي، بيحد محبت آهي. * جَلْوت هجي يا خَلوت (يعني اڪيلائي ۾ هجن يا ماڻهن جي ميڙ ۾)، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ذڪرِ خير ڪندا رهن ٿا. * پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي وليُ الله آهن، سچا عاشقِ رسول ۽ اسان جا مُسَلّمَه(ڄاتل سڃاتل) بزرگ آهن، انهن جي عقيدت دل جي گهرائين ۾ سنڀالي رکڻ بيحد ضروري آهي، الله جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي اَلْبَرَكَةُ مَعَ اَكَابِرِكُمْ يعني برڪت توهان جي بزرگن سان گڏ آهي. * پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: مسلڪِ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ذرّي برابر هٽڻ کان اڳ الله پاڪ مون کي ايمان ۽ عافيت سان موت عطا فرمائي.
امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کان پڇيو ويو: فرض ڪريو ته توهان کي ڪنهن جهنگل يا صحراء ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ قرآن ۽ حديث کان علاوه فقط هڪ ڪتاب رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته توهان ڪهڙي ڪتاب جو انتخاب فرمائيندؤ؟
پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمايائون: مان پاڻ سان گڏ اعلى حضرت امامِ اهلِ سنت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو "فتاويٰ رضويه شريف" کڻي وڃڻ جي درخواست ڪندس ڇو ته هن ۾ گهڻو ڪجھ آهي، عبادتن ۽ اعتقادن بابت ڪافي رهنمائي موجود آهي پڻ هن