Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

انعام ماڻيندڙ ٻانها حق جو معيار آهن

پهريون سيپارو آهي، سورهءِ فاتحه آهي ۽ ڳالهه آهي صراطِ مستقيم جي، سڌي رستي جي سڃاڻپ جي...!! مثال طور 15 هين صدي هجري آهي، مون کي ڪيئن خبر پوندي ته سڌو رستو ڪهڙو آهي؟ قرآنِ ڪريم اسان کي ان جي سڃاڻپ ٻڌائي، ارشاد ٿئي ٿو:

صِرَاطَ الَّذِیْنَ اَنْعَمْتَ عَلَیْهِمْ ﴰ

تَرْجمو ڪَنْزُالعِرْفان: انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو احسان ڪيو.

    معلوم ٿيو ته جن تي الله پاڪ جو انعام ٿيو، انهن جو جيڪو رستو آهي اهو صراطِ مستقيم آهي. هاڻي اهي انعام ماڻيندڙ ماڻهو ڪير آهن؟ سيپارو: 5، سوره نساء، آيت: 69 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَاُولٰٓىٕكَ مَعَ الَّذِیْنَ اَنْعَمَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ مِّنَ النَّبِیّٖنَ وَ الصِّدِّیْقِیْنَ وَ الشُّهَدَآءِ وَ الصّٰلِحِیْنَۚ-

تَرْجمو ڪَنْزُالعِرْفان: جن تي الله فضل ڪيو يعني انبياء ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالحَ.

ڄڻ ته اسان کي فرمايو پيو وڃي: انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام جو جيڪو رستو آهي، ان رستي تي هلو، اهو سڌو رستو آهي، صديقين جي رستي تي هلو، اهو سڌو رستو آهي، شهيدن جي رستي تي هلو، اهو سڌو رستو آهي، نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلو، اهو سڌو رستو آهي.

سمجهڻ جي ڳالهه آهي، قرآنِ ڪريم اسان کي رول ماڊل ڏيکاريا، شخصيتون ٻڌايون ۽ فرمايو، انهن ماڻهن جي پويان هلو! هي ماڻهو حق جو معيار آهن، هي ئي سڌي رستي جي سڃاڻپ آهن.