Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

رکڻ وارو آهي، ان جي پويان هلو! هي ئي سڌي رستي جي سڃاڻپ آهي۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان اهو معلوم ٿيو ته الله پاڪ هر دور ۾ اهڙن بلند رُتبي وارن ماڻهن کي پيدا فرمائيندو آهي جن تي الله پاڪ جو وڏو انعام ٿيندو آهي، جيڪي الله پاڪ ڏانهن رجوع رکڻ وارا به هوندا آهن، هر دور ۾ اهي هستيون حق جي سڃاڻپ هونديون آهن، حق جو معيار هونديون آهن ۽ انهن جي پويان هلندڙ ئي سڌي رستي جو مسافر بڻبو آهي.

جنّتي گروھ(ٽولو) ڪير...؟

تمام مشهور حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بني اسرائيل 72 فرقن ۾ ورهائجي ويا هئا، منهنجي اُمّت 73 فرقن ۾ ورهائجي ويندي، انهن مان هڪ جنّتي آهي، باقي سڀ دوزخ ۾ ويندا. پڇيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهو جيڪو هڪ جنّتي هوندو؟ اهو ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: مَا اَنَاعَلَیْہِ وَ اَصْحَابِیْ  يعني اهو گروھ جنّتي هوندو جيڪو منهنجي ۽ منهنجي صحابه جي رستي تي هلندو.[1]

قرآن کی تفسیر صحابہ کے عقائد                                                             ایمان کی تنویر صحابہ کے عقائد

واللہ ! انہیں رہبرِ  کونین سمجھئے                                                                                                          عرفان کی تاثِیر صحابہ کے عقائد

وضاحت: صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جا عقيدا قرآن پاڪ جي حقيقي تفسير آهن، انهن بزرگن جا عقيدا ايمان کي روشن ڪندڙ آهن، الله پاڪ جو قسم! انهن مبارڪ هستين کي ٻنهي جهانن ۾ پنهنجو رهبر سمجهو! مڃيو! ربّ جي حقيقي سڃاڻپ انهن بزرگن جي عقيدن جي ذريعي ملندي.

سُبْحٰنَ اللہ! هتي به ڏسو! اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته ڪامل طور حق آهن،


 

 



[1] ترمذی، جلد:4، صفحہ:381، حدیث:2641۔