Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون.
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني ڪورسز
پيارا اسلامي ڀائرو! اڳين بزرگن جي عقيدن تي پختگي حاصل ڪرڻ، سڌي رستي تي استقامت ماڻڻ، محبتِ اعليٰ حضرت سان دل جا گل مهڪائڻ لاءِ هر وقت دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان جڙيل رهو! 12 ديني ڪم به خوب ذوق ۽ شوق سان ڪيو! ان شاء الله ڪريم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني ڪورسز به آهي. الحمد لله! * دعوتِ اسلامي علمِ دين جو نور ورهائيندڙ ديني تحريڪ آهي* گهٽ ۾ گهٽ فرض علمِ دين جهڙوڪ وضو، غسل، نماز، نمازِ جنازه، روزو، زڪوات وغيره جا ضروري مسئلا هر مسلمان سکي، دعوتِ اسلامي ان جو عزم رکي ٿي * ان مقصد تحت دعوتِ اسلامي ڪيترائي شارٽ ڪورس ڪرائيندي آهي؛ جهڙوڪ * 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس * 7 ڏينهن جو 12 ديني ڪم ڪورس * 7 ڏينهن جو اصلاحِ اعمال ڪورس. ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪورس آهن. ان کان علاوه * طهارت ڪورس * وضو ڪورس * غسل ڪورس * احڪامِ روزا * احڪامِ زڪوٰة ڪورس وغيره ڪرايا ويندا آهن. اهي ڪورس رهائشي به هوندا آهن ۽ غير رهائشي به هوندا آهن.
اوهان به هي مختصر مختصر ڪورس ڪري وٺو! انشآءَ الله الڪريم! گهڻيون برڪتون ملنديون * دين سکندؤ ته الله پاڪ راضي ٿيندو * رزق ۾ برڪت ٿيندي * علمِ دين جو خزانو ملندو * نيڪين جو ذهن بڻبو * الله پاڪ جي عبادت صحيح طريقي سان ڪري سگهنداسين ته انشآءَ الله الڪريم! ڪرم ئي ڪرم ٿيندو * مختصر ڪورسز جو هي فائدو به ٿيندو آهي ته انسان ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه سکي وٺندو آهي * ڪم ڪار به متاثر ناهن ٿيندا ۽ چند ڏينهن ۾ ڪافي ڄاڻ ملي ويندي آهي * جيئن نماز آهي، ان جا احڪام ۽ مسئلا ته ايترا آهن جو ڪتاب ڀريا پيا آهن، اسان جهڙا ايتريون وڏيون