Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

جشن ولادت جي باري ۾ مڪـتوبِ عـطار

     سگ مدينه محمد الياس عطار قادري عفي عنه جي طرفان تمام عاشقانِ رسول اسلامي ڀائرن جي خدمت ۾

                          السلام عليکم ورﺣﻤﺔ الله وبرکاﺗـه              الحمد لله رب العٰلمين عليٰ کل  حال    

  اَلْحَمْدُ لِلّٰہ ربّ العٰلمين! خوشي مان جهومو! جلد ئي ماھِ ربيع الاول اچڻ وارو آهي، سٺين سٺين نيتن سان جشنِ ولادت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو.

تم  بھی  کرکے  اُن  کا   چرچا   اپنے   دِل  چمکاؤ                                    اونچے  میں  اونچا  نبی  کا  جھنڈا  گھر  گھر  میں  لہراؤ

1   چنڊ واري رات جو هنن لفظن ۾ ٽي ڀيرا مسجدن ۾ اعلان ڪرايو:تمام اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪ هجي جو ربيع النور شريف جو چنڊ  نظر اچي ويو آهي

ربیعُ النُّور  اُمّیدوں  کی  دنیا  ساتھ  لے  آيا                دعاؤں  کی  قَبولیَّت  کو  ہاتھوں  ہاتھ  لے  آيا

2   براءِ ڪرم! ربيع الاول شريف جي برڪت سان اڄ کان ئي اسلامي ڀائر هميشه جي لاءِ هڪ مٺ ڏاڙهي ۽ اسلامي ڀينرون مستقل شرعي پردو ڪرڻ جي نيت ڪن ـ (مرد جو ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ ۽ عورت جو بي پردگي ڪرڻ حرام آهي ۽ فوراً توبه ڪري انهن گناهن کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ڏيڻ ضروري آهي.)

جُھک  گیا  کعبہ  سبھی  بُت  منہ  کے  بل  اَوندھے  گرے                    دَبدبہ   آمد   کا    تھا،  اَھْـلاً   وَّ  سَـھْـلاً   مرحبا

3   سنتن ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ جو بهترين فارمولو هي