Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

مسلکِ اعلیٰ حضرت سلامت رہے

 شاه آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمايو: (انسانو! ٻڌو...!) باقي حضرات ڪَٽ چڙيل دل کڻي ايندا آهن، انهن کي تيار ڪرڻو پوندو آهي، احمد رضا صاف شفاف دل کڻي بلڪل تيار ٿي آيا آهن، انهن کي ته رڳو نسبت جي ضرورت هئي.[1]

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! اندازو لڳايو! دل جي مڪمل پاڪيزگي، ڪامل صفائي گهرجي ته صوفي سڳورن فرمايو: هن لاءِ 80 سالن جي محنت گهربل آهي پر هتي هڪ 22 سالن جو نوجوان وقت جي بلند رتبي واري وليُّ الله کان اجازت ۽ خلافت حاصل ڪري رهيو آهي، پيرِ ڪامل جو رتبو حاصل ڪري رهيو آهي. هي الله پاڪ جو خاص انعام ناهي ته ٻيو ڇا آهي...؟

تُو نے باطل کو مٹایا اے امام احمدرضا                                                                                دین کا ڈنکا بجایا اے امام احمدرضا

زور باطل کا، ضَلالت کا تھا جس دم ہند میں                                                             تُو مجدِّد بن کے آیا اے امام احمدرضا

تُونے باطل کو مٹا کر دین کو بخشی جِلا                                                                                         سنّتوں کو پھر جِلایا اے امام احمدرضا([2])

اعلى حضرت ۽ صحابهءِ ڪرام جا عقيدا

اهڙي طرح پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنّتي گروهه جي سڃاڻپ ٻڌائي ته انهن جا عقيدا صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي عقيدن مطابق هوندا، هاڻي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ هڪ طرف صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جا عقيدا ڏسو! ٻي طرف مسلڪِ اعلى حضرت کي ڏسندا وڃو! پتو پئجي ويندو ته اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اها هستي آهي جيڪا اڄ جي دور ۾ حق جي سڃاڻپ آهي.


 

 



[1] تجلیات امام احمد رضا، صفحہ:37۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:535۔