Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
ٿا: الحمد لله! اسان اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دامن پڪڙي وَالله، بِالله، تَالله ٺوڪر ناهي کاڌي (هي اميراهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪمال محبت آهي، سندن ٽي ڀيرا الله پاڪ جو قسم کڻي چيو ته رضا جو دامن پڪڙيو آهي ته ٺوڪر ناهي کاڌي) بلڪ اسان دنيا هن در لاءِ ٺڪرائي آهي. الله ڪري ته اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دامن اسان جي هٿن کان نه ڇُٽي، اسان جي هٿن کان نه ڇُٽي، انهن جو دروازو مضبوطي سان پڪڙڻو آهي جو "یَکْ دَرْگِیْر مُحْکَم گِیْر" يعني هڪ ئي دروازو پڪڙ پر مضبوطي سان پڪڙ. هي تعليم به اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي ڏني آهي. هي به صحيح، ته هو به صحيح نه بلڪ جيڪو رضا چئي اهو ئي صحيح آهي، ڇو ته رضا ڪا به ڳالهه قرآن و حديث کان هٽي ڪري نه ڪندا آهن. جڏهن اسان انهن جي فتاويٰ، انهن جي ڪتابن ۽ انهن جي سيرت جو مطالعو ڪيو ته اسان جي سمجهه ۾ اها ڳالهه آئي ته رضا جي زبان مان اها ئي ڳالهه نڪرندي آهي جنهن جي تائيد ۽ تصديق قرآن سان ٿيندي آهي. ان لاءِ رضا تي پنهنجون اکيون بند ڪريو، جيڪڏهن اکيون کوليون ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو مشڪل ۾ پئجي وڃو ۽ دل جون اکيون بند ٿي وڃن، تنهنڪري اکيون بند ڪري رضا جي پويان پويان هلندا وڃو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! غوثِ پاڪ جي دامن تائين پهچي ويندا ۽ غوثِ پاڪ پنهنجي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي قدمن تائين وٺي ويندا.
باغِ جنّت میں محمد مسکراتے جائیں گے پھول رحمت کے جھڑیں گے، ہم اُٹھاتے جائیں گے
امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کان پڇيو ويو: اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي اکيون بند ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي؟ فرمايائون: هن جو مطلب اهو آهي ته اسان اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي ڪنهن به قسم جي تنقيد نه ڪندا آهيون ۽ نه ئي اسان کي انهن جي بيان ڪيل ڪنهن به ڳالهه تي ڪو شڪ ٿيندو آهي. اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي معاملي ۾ اکيون بند ڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي، هن بارگاه ۾ اکيون کوليندا ته ٺوڪر لڳڻ جو خدشو آهي. ياد رکو! اسان اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي