Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

سان جيترو جهالت وارو ورتاءُ ڪيو ويندو، اوترو ئي سندن حِلم وڌندو ويندو.[1]

حِلم سان متعلق مدني گل: * حلم الله پاڪ جي صفت آهي. * حلم الله پاڪ جو پسنديده وصف آهي. * حِلم انبياء جي سنت آهي. * حِلم جي معنٰي آهي: آهستگي، بردباري (نرم مزاجي) امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تحمل (يعني بردباري) غصو پيئڻ کان افضل آهي ڇاڪاڻ ته غصو پيئڻ جي ضرورت ان کي هوندي آهي، جنهن جو غصو گهڻو ٿي وڃي، جڏهن ته حلم واري کي غصو ايندو ئي ناهي.[2] * حلم سان بزرگي ملندي آهي.

حَليم بڻجڻ جا طريقا: * حِلم تڪلف سان حاصل ٿئي ٿو (يعني ماڻهو ڪوشش ڪري، زبردستي غصو پيئندو رهي، آهستي آهستي طبيعت ۾ حلم پيدا ٿي ويندو) * عمامو ٻڌڻ سان حلم وڌندو آهي. * ٻڪريون چارڻ سان به طبيعت ۾ حلم پيدا ٿيندو آهي.

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

آؤ مدنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر                                                                                  سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

جو بھی شیدائی ہے مدنی قافِلوں کا یاخدا!                                                                                  دوجہاں میں اُس کا بیڑا پار فرما یاخدا!


 

 



[1] صِراط الجنان، جلد:2، صفحہ:79۔

 

[2] اِحْیَاء العلوم مترجم، جلد:3، صفحہ:535۔