Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

موقعي تي حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي هڪ الڳ قسم جي مشڪل پيش آئي، سندن والده جيڪي ان وقت غير مُسۡلِمه هيون، انهن ڪلمو نه پڙهيو هو، والده کين جذباتي ڌمڪي ڏني، ايموشنل بليڪ ميل ڪيو، چيو: اي سعد! توکي هي دين ڇڏڻو پوندو، جيڪڏهن تون هي دين نه ڇڏيندين ته مان کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندس ۽ بکايل مري ويندس، ائين منهنجي ڪري توکي بُرو ڀلو چيو ويندو ۽ ماڻهو توکي ماءُ جو قاتل چوندا. ([1])

حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تمام گهڻو پريشان ٿيا، ڪريان ته ڇا ڪريان؟ هڪ پاسي ماءُ آهي، ٻي پاسي دينِ اسلام آهي، ٻن راهن تي اچي ويو آهيان. هن مشڪل وقت ۾ الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي آيت نازل فرمائي،([2]) ارشاد ٿيو:

وَّ اتَّبِـعْ سَبِیْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّۚ-

تَرْجمو ڪَنْزُالعِرْفان: ۽ منهنجي طرف رجوع ڪرڻ واري انسان جي رستي تي هل.

يعني اي سعد (رَضِىَ اللهُ عَنْهُ)! پنهنجي والده جي ڪري دينِ اسلام نه ڇڏيو! بلڪه ان (ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ) جي رستي تي هلو جيڪو اسان جي طرف رجوع ڪرڻ وارو آهي.

هتي به ڏسو! شخصيت کي سامهون رکيو ويو، رول ماڊل ٻڌايو ويو ۽ قيامت تائين لاءِ هي اصول اسان کي ڏئي ڇڏيو ته ڪو به زمانو هجي، ڪو به دور هجي، ڪا صدي هجي، ڪهڙا به فتنا اٿي رهيا هجن، هي غور ڪيو ته الله پاڪ جي طرف رجوع رکڻ وارو ڪير آهي، جيڪو الله پاڪ جي طرف رجوع


 

 



[1]...تاریخ دمشق، جلد:20، صفحہ:331۔

[2]...تاریخ دمشق، جلد:20، صفحہ:331ملخصاً۔