Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

يقيناً جسماني طور تي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو قرب حاصل ٿئي، عاشقان رسول علماء ڪرام جي صحبت نصيب ٿئي، اولياء ڪرام جي صحبت نصيب ٿئي ته بيشڪ اها تمام وڏي سعادت جي ڳالهه آهي پر آيت ڪريمه ۾ صرف جسماني طور گڏ رهڻ مراد نه آهي بلڪ ان مان مراد آهي: دلي طور صحابه ڪرام، علماء ۽ اولياء ڪرام سان گڏ رهڻ. مقصد هي آهي ته "اي ايمان وارؤ! صحابه سان، علماء سان، اولياء سان * دلي محبت رکو، * جيڪي عقيدا انهن جا آهن، اهي عقيدا اپنايو، * انهن جا جيڪي نظريا آهن، * اهي نظريا اپنايو، * انهن جي تعليمات تي عمل ڪريو، * انهن جهڙا اخلاق اپنايو، انهن جهڙو ڪردار بڻايو، * انهن جي سيرت کان روشني حاصل ڪريو، * ظاهر ۽ باطن ۾ هر لحاظ کان انهن سان محبت ڪريو، * هي پاڪيزه حضرات جنهن رستي جا مسافر آهن، توهان به ان رستي جا مسافر بڻجو * ۽ جنهن انداز سان انهن زندگي گذاري، توهان به انهن کان رهنمائي وٺو ۽ انهيءَ انداز سان زندگي گذاريو! ([1])

مجھے اَوْلیا کی محبت عطا کر                                                                                                                           تُو  دیوانہ  کر  غوث  کا  یااِلٰہی ([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

الحمد للہ! اسان جا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به ڪامل وليّ آهن، پاڻ به سچا ته سندن عقيدا به سچا آهن، سندن نظريا به سچا آهن، سندن تعليمات به سچي ۽ سندن هر ادا به سنتِ رسول سان ڀريل ۽ سچي رستي جي نشاني آهي.

جن کی ہر ہر ادا سنّتِ مصطفی                                                                                            ایسے پیر طریقت پہ لاکھوں سلام

اچو! قرآني حڪم تي عمل ڪرڻ جي نيت سان هڪ ڪامل وليِّ جون ڪجهه مبارڪ عادتون ٻڌون ٿا ۽ نيت ڪيون ٿا ته اسين به انهن نيڪ عادتن کي اپنائي ڪري پنهنجي زندگي سنوارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ:11، سورۂ توبہ،زیرِ آیت: 119، جلد:11، صفحہ:115 بتصرف۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:106۔