Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

ایک سچا عاشقِ نورِ مجسم بولیے                                                                                             ان کو ان کے عہد کا سالارِ اعظم بولیے

جن سے ہوں آباد علم و آگہی کی بستیاں                                            ہیں جنم لیتی کئی صدیوں میں ایسی ہستیاں

فضلِ رب العالمین ہوتا ہے جب بے انتہا                        تب کوئی بنتا ہے دنیا میں امام احمد رضا

10 شوال 1272 هجري مطابق 14 جون 1856ع ۾ هند جي شهر بريلي ۾ سندن ولادت ٿي. * سندن ديني ۽ علمي خاندان جا چراغ هئا. * سندن نالو محمد آهي، جڏهن ته سندن ڏاڏا سائين کيس احمد رضا چئي ڪري سڏيندا هئا، پوءِ سندن انهيءَ نالي سان مشهور ٿي ويا. * 4 سالن جي عمر ۾ ناظرہ قرآن ڪريم ختم ڪيو. * صرف 13 سال 10 مهينا ۽ 4 ڏينهن جي عمر ۾ ديني تعليم مڪمل ڪئي ۽ پهرين فتوٰي لکيائون. * اندازي طور 70 کان وڌيڪ علمن ۾ تقريباً 1000 ڪتاب لکيائون. * قرآن ڪريم جو ترجموڪنزُالايمان، * فتاوى رضويه * حدائق بخشش، سندن علمي ۽ ادبي شاهڪار آهن. * پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻه ڀيرا حج جي سعادت حاصل ڪئي. * ٻي ڀيري جڏهن روضهءِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي حاضر ٿيا ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جاڳندي اکين سان کين پنهنجي ديدار سان نوازيو. * تقويٰ ۽ پرهيزگاري ايتري قدر هئي جو نه صرف فرائض ۽ واجبات جا سختي سان پابند هئا، بلڪ سننن و نوافل ۽ مستحبات کي به نه ڇڏيندا هئا. * سندن گهٽ کائيندا هئا، گهٽ سمهندا هئا. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 25 صفر المظفر 1340 هجري مطابق 1921ع جمعي جي ڏينهن هن دنيا مان رخصت ٿيا. * سندن مزار بريلي شريف ۾ آهي. *  25 صفر المظفر تي سڄي دنيا ۾ سندن عرس ملهايو ويندو آهي۔ [1]


 

 



[1] فیضان امام اہلسنت، خصوصی شمارہ، ص22تا24 ملخصاً بتصرف