Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

الله هجڻ به وڏي شان آهي، خَلِيۡلُ الله هجڻ به وڏي شان آهي، ڪَلِيمُ الله هجڻ به وڏي شان آهي، روحُ الله هجڻ به وڏي شان آهي، پر حبيبُ الله هجڻ سڀني کان وڏي شان آهي.

   پوري مخلوق ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪهڙي شان آهي ان کي سيدي اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ شعر ۾ ان کي بيان ڪيو، لکن ٿا:

مغز ہو تم اور پوست اور ہیں باہَر کے دوست                         تم ہو درونِ سَرا تم پہ کروڑوں دُرود([1])

وضاحت: جيتوڻيڪ مغز ۽ ڇلڪو ملي ڪري ئي ميوو وغيره بڻجندو آهي، پر مغز جي اهميت ڇلڪي کان وڌيڪ هوندي آهي. اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: "يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان جي مثال هن جهان ۾ مغز جيان آهي، ۽ باقي سڀ ڇلڪي جيان آهن. باقي سڀ ٻاهر وارا آهن، اوهان گهر وارا آهيو. اوهان الله پاڪ جي رازن جا رازدار آهيو. اوهان تي ڪروڙين درود هجن۔

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري سادگي سان ڳالهه سمجهائي وئي آهي، مطلب اهو آهي ته جيڪو حبيب هوندو آهي، ان کي خاص تنهائين ۾ به پاڻ سان گڏ رکيو ويندو آهي. بِلا تمثيل (يعني رڳو سمجهائڻ لاءِ عرض ڪري رهيو آهيان) الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام سان ڪلام فرمايو، پردي ۾ فرمايو، حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام تي وحي آئي، فرشتي جي ذريعي آئي. حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام تي وحي آئي، فرشتي جي ذريعي آئي. حضرت موسى عَلَيۡهِ السَّلَام سان ڪلام فرمايو، پردي ۾ فرمايو. حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام تي وحي آئي، فرشتي جي ذريعي آئي،  پر هي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن جو جن کي الله پاڪ معراج جي رات خاص


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:265۔