Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

سُبْحٰنَ الله! سوچڻ جي ڳالهه آهي. حضرت جبرائيلِ امين عَلَيْهِ السَّلام سراپا نور آهن، انهن جي تخليق ئي نور مان ٿيل آهي، اڳتي جتي وڃڻو آهي، اُتي به نور جون ئي تجليون آهن، پر اهي تجليون اهڙيون آهن جو ملائڪن جا سردار حضرت جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلام هڪ انچ جيترو به ان تجلي ڏانهن وڌن ته سڙي وڃن ٿا پر قربان وڃون! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم روحاني طور تي نه، جسمِ پاڪ سان گڏ اڳتي وڌن ٿا، نور جون اهي تجليون نه صرف جسمِ پاڪ، بلڪ سندن لباس جي ڪنهن ڌاڳي کي به نقصان ناهن پهچائي رهيون. انهيءَ مان خبر پئي ته حضرت جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلام جيڪي روحُ القدس آهن، ۽ سراپا نور آهن، انهن جي نور ۾ اها لطافت نه آهي جيڪا محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي جسم پاڪ ۾ لطافت آهي. جڏهن هي جسم جي لطافت جو عالم آهي ته سوچو! پاڪ روح جي لطافت جو عالم ڇا هوندو...؟

 (2-3) ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت مُبارڪ

حديث پاڪ جي مشهور ڪتابن ترمذي، ابن ماجه ۽ مسند امام احمد جي روايت آهي: هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم فرمايو: بيشڪ، مان اهو ڏسان ٿو جيڪو اوهان نٿا ڏسو، مان اهو ٻڌان ٿو جيڪو اوهان نٿا ٻڌو. بيشڪ آسمان چرڙاٽ ڪرڻ لڳو ۽ ان جو حق آهي ته اهو چرڙاٽ ڪري ڇو ته آسمان تي چار آڱرين جيتري به جاءِ اهڙي نه آهي جتي ڪو ملائڪ پنهنجي پيشاني رکي ربِّ ڪريم جي حضور سجدو نه ڪري رهيو هجي[1].

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! پهرين ته نگاھِ مصطفيٰ جو ڪمال ڏسو! زمين ته زمين رهي، آسمان زمين کان ڪيئي ڀيرا وڏو آهي ۽ سرڪارِ عالي وقار،


 

 



[1] ترمذی، کتاب الزہد، باب فی قول النبی:لوتعلمون مااعلم،صفحہ :554،حدیث:2312۔