Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

ذبح ڪئي وئي هئي يا بغير اجازت جي حاصل ڪئي وئي آهي. سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   جي چکڻ جي طاقت...!

(5) ڇُهڻ جي طاقت مبارڪ

هاڻي ٿورو ڇُهڻ جي طاقت تي غور ڪريو! حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جيڪي مشهور صحابيءِ رسول آهن ۽ عَشَرَہ مُبَشَّرَہ (يعني جنت جي خوشخبري ماڻڻ وارن صحابه ڪرام) مان آهن، فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان بيمار ٿي پيس، پياري نبي، مڪي مدني، مُحمّد عربي صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عيادت لاءِ تشريف فرما ٿيا.

صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم ڪيترا خوش نصيب هئا جو جڏهن بيمار ٿي ويندا هئا ته ٻنهي جهانن جا تاجدار عيادت لاءِ تشريف کڻي ايندا هئا.

سرِ بالیں انہیں رحمت کی ادا لائی ہے                                                   حال بگڑا ہے تو بیمار کی بن آئی ہے

 حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: حضور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي سيني مبارڪ تي هٿ رکيو، اهڙو باڪمال هٿ...!! واھ! ان جي ٿڌاڻ مون کي دِل تي             محسوس ٿي.

 ڪاش! اھا سعادت ڪڏهن اسان غلامن کي به نصيب ٿئي...!!

دِل کرو ٹھنڈا مرا، وہ کفِ پا چاند سا                                                                    سینے پہ رکھ دو ذرا تم پہ کروڑوں درود

خير! حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيني تي هٿ رکيو، پوءِ فرمايائون: توکي دل جي بيماري آهي، حارِث ثَقَفي وٽ وڃ! اُھي طبيب آھن. کين چئو ته عجوہ کجور کوکڙي سميت پيهي ڪري توکي پيئارين. ان سان توکي آرام اچي ويندو.‘‘ ([1])


 

 



[1]... ابو داود، کتاب الطب، باب فی تمرۃ العجوۃ، صفحہ:610، حدیث:3875۔