Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

سنتون ۽ آداب به سيکاريا وڃن ٿا. اوهان به مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪريو ۽ تجويد سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سکو.

الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا                                                              شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا

مدني مذاڪري ۽ مدني قافلي جي ترغيب

اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، نيڪ بنجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو ذهن حاصل ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته رهو ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!، نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن ٺهندو.

الحمد لله! شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه هر هفتي نمازِ عشاء کان بعد مدني چينل تي براههِ راست مدني مذاڪرو ڪندا آهن. هزارين عاشقانِ رسول پنهنجي  UC، ٽائون، ۽ شهرن ۾ گڏجي مدني مذاڪرو ڏسڻ جو اهتمام ڪندا آهن، ۽ مدني چينل يا سوشل ميڊيا (مثلاً يوٽيوب، فيس بڪ وغيره) جي ذريعي ته دنيا ۾ نه ڄاڻ ڪٿي ڪٿي مدني مذاڪرو ڏٺو وڃي ٿو. توهان به مدني مذاڪري ۾ پابندي سان شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!، علمِ دين سکڻ لاءِ ملندو ۽ دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون.

اڄ جي دور ۾ نيڪ نمازي بنجڻ، سنتون سکڻ ۽ دين جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ نهايت مفيد آهي. الحمد لله! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهينو ۽ 12 مهينن جا مدني قافلا وقت بوقت سفر ڪندا رهن ٿا. توهان به مدني قافلي جا مسافر بڻجو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!، اخلاق سنورجندا، نيڪين جي طرف لاڙو وڌندو، عشقِ رسول جي دولت نصيب ٿيندي ۽ زندگي ۾ مدني انقلاب اچي ويندو. اچو! ترغيب لاءِ مدني بهار ٻڌون ٿا.