Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

پيارا اسلامي ڀائرو! ھتي غور ڪريو! ھاڻي ته سائنسي دور آھي، جديد ٽيڪنالاجي اچي چڪي آهي، پوءِ به جڏهن ڪنهن کي دل جي بيماري ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين E.C.G ٿيندي آهي، ان مان خبر پوندي آهي ته دل بيمار به آهي يا نه. جيڪڏهن رپورٽ اچي ته دل ۾ ڪو مسئلو آهي ته اِيڪو ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي، انجيوگرافي ڪئي ويندي آهي، پوءِ خبر پوندي آهي ته دل ۾ مسئلو ڇا آهي. پوءِ ان کان بعد علاج جو عمل شروع ٿيندو آهي. قربان وڃجي! ٻنهي جهانن جي طبيب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪهڙي نرالي شان آهي، سيني تان ڪپڙو به ناهي هٽايو، مٿان ئي کان هٿ مبارڪ رکيو، E.C.G  به ٿي وئي، اِيڪو ٽيسٽ به ٿي وئي، انجيوگرافي به ٿي وئي ۽ علاج به تجويز ڪيو ويو.

(6) سونگھڻ جي طاقت مبارڪ

مسلم شريف ۾ حديث پاڪ آهي. حضرت ابوھريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينھن پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسلمان ۽ غير مسلم جي روح قبض ٿيڻ جو حال بيان ڪيو، فرمايائون: جڏهن مؤمن جو روح قبض ڪيو ويندو آهي ته آسمان وارا فرشتا چوندا آهن: اڄ زمين مان ڪيتري پياري خوشبو اچي رهي آهي ۽ جڏهن غير مسلم جو روح بدن مان ڪڍيو ويندو آهي ته ان مان بدبو پکڙجي ويندي آهي ۽ آسمان وارا چوندا آهن: هي زمين مان ڪيتري بري بدبو اچي رهي آهي. حضرت ابوھريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هيءُ فرمايو ته پنهنجي چادر مبارڪ جو ڪنارو نڪ تي اهڙي نموني رکيائون، ڄڻ ته پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي بدبو اچي رهي هئي. ([1])

الله! الله! هي آهي سنگھڻ جي طاقت...!! اسان کي خبر آهي ته خوشبو هجي يا بدبو هجي، ان جي باري ۾ صرف سوچڻ سان ڪو اثر ناهي ٿيندو، مثال طور،


 

 



[1]...  مسلم، کتاب الجنۃ و صفۃ...الخ، باب عرض مقعد المیت...الخ، صفحہ:1100، حدیث:2872۔