Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

يقينًا هو انهيءَ شان وارا هئا. * اوهين چئو ٿا: موسى عَلَيْهِ السَّلام ڪليمُ الله آهن، يقينًا هو انهيءَ شان وارا هئا. * اوهين چئو ٿا: عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام روحُ الله آهن، ها! بيشڪ هو انهيءَ شان وارا هئا * اوهين چئو ٿا: آدم عَلَيْهِ السَّلام صفيُ الله آهن، ها! بيشڪ انهن جي اها ئي شان آهي. اَلَا وَ اَنَا حَبِیْبُ اللہ وَ لَا فَخَر َ يعني اي منهنجا صحابه ٻڌي ڇڏيو! مان الله جو حبيب آهيان ۽ مان هي ڳالهه فخر طور نٿو چوان * قيامت جي ڏينهن حمد جو جهنڊو منهنجي هٿ ۾ هوندو ۽ مان هي ڳالهه فخر طور نٿو چوان. * قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهرين مان ئي شفاعت ڪندس. * منهنجي ئي شفاعت سڀ کان پهريان قبول ڪئي ويندي، مان هي ڳالهه فخر طور نٿو چوان. * وڌيڪ فرمايائون: "اَنَا اَکْرَمُ الْاَوَّلِیْن وَ الْآخِرِیْنَ وَلَا فَخَر" مان اڳين ۽ پٺين سڀني کان وڌيڪ عزت وارو آهيان، پر مان هي ڳالهه فخر طور نٿو چوان."[1]

اللہ نے مَحْبُوب کو بےمثل بنایا                                                                                        ممکن ہی نہیں ہو کوئی ہم شانِ مُحَمَّد

مخلوق کو معلوم ہو کیا اُن کی حقیقت                                                                            رَبّ جانتا ہے شانِ مُحَمَّد

محبوبِ خُدا، حاکِمِ مخلوقِ اِلٰہی                                                                                                              مخلوقِ خُدا تابِعِ فرمانِ مُحَمَّد([2])  

 وضاحت: الله پاڪ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهڙو بي مثال بڻايو جو سندن جهڙو ٻيو ڪو ٿي ئي نٿو سگهي. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان کي مخلوق ڇا ڄاڻي؟ سندن اصلي شان ته رب پاڪ کي ئي معلوم آهي. پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي مخلوق جا حاڪم آهن ۽ سڀ ماڻهو سندن ڳالهه مڃڻ جا پابند آهن.

ٻيا آهن ٻاهر جا دوست

پيارا اسلامي ڀائرو! هن جاءِ تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم     سڀني نبين تي پنهنجي فضيلت کي بيان ڪيو، جنهن مان معلوم ٿيو ته صَفِيُّ


 

 



[1] ترمذی،  ابواب المناقب عن رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:827، حدیث:3625 ۔

[2]...قبالۂ بخشش، صفحہ:130، 131 ملتقطاً۔