Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

تمہاری چمک تمہاری دمک تمہاری جھلک تمہاری مہک

زمین و فلک سِماک و سمک میں سکہ نشاں تمہارے لئے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد

 ٻڌي ڇڏيو...! مان الله پاڪ جو حبيب آهيان

 حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب ترمذي شريف ۾ حديث پاڪ آهي، صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم گڏ ويٺا هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جو انتظار ڪري رهيا هئا، انهيءَ دوران انهن علمي گفتگو ڪرڻ شروع ڪئي. هوڏانهن پيارا آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  بهي تشريف فرما ٿيا. جڏهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه جي قريب آيا ته رڪجي ويا، انهن جي ڳالهين کي ٻڌڻ لڳا، ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا: * هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ چيو: ڪيتري حيرت جي ڳالهه آهي، الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پنهنجو خليل بڻايو آهي. * ٻئي صحابي چيو: ڪيتري تعجب جي ڳالهه آهي جو الله پاڪ حضرت موسى عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪليم بڻايو آهي. * ٽئين صحابي چيو: ڪيتري حيرت جي ڳالهه آهي، الله پاڪ حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام کي روحُ الله ۽ ڪلمةُ الله بڻايو آهي. * چوٿين صحابي چيو: ڪيتري عجيب ڳالهه آهي، الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي صَفِيُّ الله بڻايو آهي.

انهن ڳالهين کي ٻڌڻ کان پوءِ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    تشريف فرما ٿيا ۽ ارشاد فرمايائون: اي منهنجا صحابه! مون اوهان جون سڀئي ڳالهيون ٻڌيون آهن. اوهين چئو ٿا: * ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جا خليل آهن،


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:348 ملتقطاً۔