Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

وضاحت: ٻڌو آهي قبر جي رات انڌيري آهي، سو اسان دل ۾ عشقِ رسول سجائي ورتو، هي ئي اهو چراغ آهي، جيڪو انڌيري قبر کي روشن ڪري ڇڏيندو.

جشنِ ولادت جي خوشي ۾ روزو رکو!

پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي آقا، ڪريم آقا، رحيم آقا، مديني واري مصطفى   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت کي ادا ڪندي، جشنِ ولادت جي خوشي ۾ روزو رکڻ جي ڪوشش ڪريو.

   ياد رکو، هي نفل روزو آهي، جنهن کان ٿي سگهي، طبيعت اجازت ڏئي ته روزو ضرور رکڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن ثواب جي اُميد رکندي هڪ نفل روزو رکيو، الله پاڪ کيس دوزخ کان 40 سال (جي مسافت برابر) پري ڪري ڇڏيندو.[1] معجمِ ڪبير جي روايت ۾ آهي: جنهن هڪ نفل روزو رکيو، سندس لاءِ جنت ۾ هڪ وڻ لڳايو ويندو، جنهن جو ميوو ڏاڙهون کان ننڍو ۽ صوف کان وڏو هوندو، اهو ماکي جهڙو مٺو ۽ خوش ذائقو هوندو، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن روزيدار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو.[2]

جشنِ ولادت ۽ جلوسِ ميلاد بابت مدني گل

اي عاشقانِ رسول! سڀاڻي ٻارهين شريف (يعني ربيع الاول جي 12 تاريخ) آهي. پياري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو جشنِ ولادت آهي. الحمد للہ! صحابه ڪرام رَضِیَ اللہ عنهم به پنهنجي دور جي تقاضن مطابق ولادتِ مصطفى جي خوشي ڪئي، هن نعمت تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائون. بلڪه خود اسان جي آقا مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجو


 

 



[1] مع الجوامع، جلد:7، صفحہ:190، حدیث:22251۔

[2] معجم کبیر، جلد:18، صفحہ:366، حدیث:935۔