Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف وٺي نه آيا هئا، هن کان هزارين سال اڳ، عين ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رات ڄڻ ته جشنِ ميلادِ مصطفيٰ جي محفل سجي پئي آهي ۽ انداز مبارڪ ڪيڏو نه عظيم آهي. حضرت عيسى عَلَيْهِ السَّلام پنهنجي حوارين کي ان رات جو شڪر ادا ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ۽ فرمايو: اڄ اسان (ميلادِ مصطفيٰ جيڪو ايندڙ صدين ۾ ٿيڻ وارو آهي، ان) جي شڪراڻي ۾ 100 رڪعت نماز ادا ڪنداسين.

رُسل اُنہیں کا تو مژدہ سنانے آئے ہیں                                                              اُنہیں کے آنے کی خوشیاں منانے آئے ہیں

فرشتے آج جو دُھومیں مچانے آئے ہیں                                                             اُنہیں کے آنے کی شادی رَچانے آئے ہیں

یہ سیدھا راستہ حق کا بتانے آئے ہیں                                                                       یہ حق کے بندوں کو حق سے ملانے آئے ہیں([1])

نصيب چمڪيا آهن دنيا وارن جا

الحمدلله! * اڄ اها ئي جشن واري رات آهي * سڀاڻي عيدن جي عيد آهي * اڄ عيد رات آهي * اڄ اها رات آهي جنهن رات تارا زمين ڏانهن جھڪي آيا هئا * ڪعبو سلامي ڏيڻ لاءِ جهڪي رهيو هو * فرشتا مبارڪون ڏيڻ لاءِ سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا جي گهر اچي رهيا هئا * قيصر ۽ ڪسريٰ (يعني ان وقت جي طاقتور بادشاهن) جي محلن تي زلزلو طاري هو * ها! ها! اڄ اها رات آهي جنهن جي صدقي اونداهيون ختم ٿي ويون * نور ئي نور سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو * رحمت ڇانئجي وئي * بگڙيل حالتون درست ٿي ويون * نصيب چمڪي ويا * رب جو وڏو فضل ٿيو * ٻنهي جهانن جا سردار، مڪي مديني جا تاجدار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رَحْمَۃٌ لِلِعَالَمِیْنَ بڻجي دنيا ۾ تشريف وٺي آيا.


 

 



[1]... سامانِ بخشش، صفحہ:137۔