Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

فھم، ۽ سمجھڻ جي طاقت امت کان وڌيڪ هوندي آهي ۽ * نبي جو روح امت جي روح کان گھڻو پاڪيزه ۽ لطيف هوندو آهي.

  هن مان خبر پئي ته سڄي مخلوقات ۾ * جهڙي اک محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم کي عطا ڪئي وئي آهي، اهڙي اک ڪنهن کي به نه ملي، * جهڙا ڪن مبارڪ پاڻ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم کي عطا ٿيا، اهڙا ڪن ڪنهن کي به نه ڏنا ويا، * جهڙي سونگهڻ جي طاقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم کي عطا ڪئي وئي، اهڙي طاقت نبين ۽ ملائڪن کي به نه ملي، * جهڙي ڇُهڻ جي طاقت پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم کي عطا ڪئي وئي، اهڙي طاقت نبين ۽ ملائڪن کي به نه ملي، * جهڙي عقل پاڻ       صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ٿي، اهڙي ڪنهن کي به نه ڏني وئي، * جهڙي مقدس روح پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي عطا ٿي، اهڙي مقدس روح به ڪنهن ٻئي جي نه آهي.

 اچو! پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي انهن خاص شانن جو ڪجهه ٿورو بيان     ٻڌون ٿا:

(1)  محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي مبارڪ رفتار

 سڀني کان پهريان پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي مبارڪ رفتار کي ڏسو. اسان ڄاڻون ٿا ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم رات جي هڪ مختصر حصي ۾ معراج تي ويا ۽ پوءِ واپس به اچي ويا. وقت ڪيترو گذريو هو، اڃا مبارڪ بسترو گرم هو، دروازي جي ڪنڍي هِلي رهي هئي، وضو جو پاڻي وهي رهيو هو.

هيءَ مبارڪ رفتار ڪيتري بڻجي ٿي، ان جو اسان سرسري جائزو وٺي ڏسون ٿا. اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: * زمين کان سِدۡرةُ الۡمُنتھيٰ جو فاصلو 50 هزار سالن جو آهي * ان کا اڳتي مُسۡتويٰ آهي * ان کان بعد جي خبر الله ڄاڻي * ان کان اڳتي عرش جا 70 حجاب آهن * هر حجاب کان ٻئي حجاب تائين 500 سالن جو فاصلو آهي([1]) * اهو ڪُل ملائي ڪري 35 هزار سالن جو فاصلو ٿيو * 35 هزارن سالن جو


 

 



[1]...ملفوظات اعلی حضرت، صفحہ:439۔