Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

تنهائي ۾ گهرائي پنهنجو ديدار به ڪرائي ڇڏيو، بي پرده ڪلام جو شرف به عطا فرمايو.

طور پہ کہا ربّ نے لَنْ تَرَانِی اے موسیٰ!                                              مگر میرے آقا کو عرش پہ بلایا ہے

تنهنجون ڳالهيون ئي ٻڌائڻ آيو.

الله پاڪ جو نبي حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام وڏي شانن وارو نبي آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيو آهي ته سندن اهو شان هيو جو جڏهن پيدائشي انڌن کي هٿ لڳائيندا هئا ته الله پاڪ انهن کي اکين جو نور عطا ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن ڪوڙهه جي مرض واري کي هٿ لڳائيندا هئا ته اُن کي حسن ۽ جمال سان نوازي ڇڏيندا هئا. مٽي جي پکين تي ڦوڪ هڻندا هئا ته اهي حقيقي پکي بڻجي ويندا هئا. غيب جون خبرون ٻڌائيندا هئا. مئلن کي زندھ ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙي عظيم شان وارا نبي هئا.

جڏهن حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام نبوت جو اظهار ڪيو ۽ اهڙا عظيم معجزا ڏيکارڻ شروع ڪيا ته ڪنهن پڇيو: اَاَنْتَ ہُوَ الْآتِیُ الْمُنْتَظَر ُ يعني اوهان ايڏا وڏا معجزا ڏيکاري رهيا آهيو، ڪٿي اوهان ئي ته اهي آخرُ الزَّمان نبي ته ناهيو، جن جي اچڻ جو صدين کان انتظار ٿي رهيو آهي؟

حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪو جواب ڏنو، اها وڏي ايمان اَفروز ڳالهه آهي. فرمايائون: "نه...!! مان اهو محبوب نبي نه آهيان، مان ته انهن جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌائڻ آيو آهيان. البت! مان الله پاڪ جي عطا سان: * انڌن کي شفا * ڪوڙهين کي حسن و جمال * ۽ مُئلن کي ٻيهر زندگي ان لاءِ ڏئي رهيو آهيان ته جيئن ماڻهو مون تي يقين ڪن ۽ سمجهي وٺن ته جڏهن