Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

سُبْحٰنَ الله! اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا ته خوب چيو آهي...!!

شانِ خدا! نہ ساتھ دے، اُن کے خِرام کا وہ بَاز

سِدْرَہ سے تا زمیں جسے نَرْم سِی اِک اُڑان ہے([1])

وضاحت: نرم نرم قدمن سان، ناز ۽ انداز سان هلڻ کي خِرام چئبو آهي. اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي رهيا آهن: معراج جي رات سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم ته خرام فرمائي رهيا هئا، نرم نرم قدمن سان ناز ۽ انداز سان جيئن گهوٽ هلندو آهي، اهڙيءَ ريت هلي رهيا هئا، پر الله جي شان ڏسو! ان جي باوجود اهي شهباز يعني حضرت جبرائيل عَلَيْهِ السَّلام جيڪي اک ڇنڀ ۾ سِدرہ کان زمين تي ۽ زمين کان سدرہ تي پهچي ويندا آهن، جن جي پنهنجي اُڏام اهڙي ڪمال جي آهي، اهي مصطفى جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي خرامِ ناز جو ساٿ نه ڏئي سگهيا. جيڪڏهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم پنهنجي نوراني ۽ نبوي پرواز فرمائن ها ته پوءِ رفتار جو ڪهڙو عالم هجي ها...؟

جسمِ پاڪ جي لطافت(نزاڪت)

پوءِ هن ئي جاءِ تي جسمِ پاڪ جي لطافت تي به غور ڪريو! اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو آهي، روايتن ۾ اها ڳالهه موجود آهي ته معراج جي رات جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم سدرة المنتهيٰ تي پهتا، حضرت جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلام رڪجي ويا. حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم پڇيو: جبرائيل! اڳتي ڇو نٿا وڌو؟ عرض ڪيو: ‌لَوْ ‌دَنَوْتُ ‌اُنْمُلَةً لَاِحْتَرَقْتُ، يعني يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم! جيڪڏهن مان هڪ انچ جيترو به اڳتي وڌيس ته مان سڙي ويندس، ان ڪري مان هتي ئي رهان ٿو، اوهان اڳتي تشريف وٺي وڃو![2]


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:179۔

[2]... شرح الشفاءملا علی قاری، جلد:1، صفحہ:440۔