Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

يعني: اي پيارا محبوب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ربّ ڪريم اوهان کي اهڙو بي مثال ۽ باڪمال بڻايو آهي جو اوهان جي شان پڙهون ته ربّ جي توحيد ياد اچي وڃي ٿي ۽ ربّ رحمٰن جي توحيد کي پوري طرح سمجهي وٺون ته اوهان جي شان ۽ عظمت سمجھ اچي ويندي آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! * هي آهي حبيب ۽ خليل جو فرق..! * هي آهي حبيب ۽ ڪليم جو فرق..!! حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تائين تمام انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام * اوچي شانن وارا آهن * اوچي مرتبي وارا آهن، پر قربان وڃو! محبوب جي ڪهڙي شان آهي؟ انهن نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام جا اڃا روح به تخليق نه ٿيا هئا، ان کان پهريان ئي محبوب اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نور الله پاڪ جي جمله صفات جو مظهر بڻجي چڪو هو.  

تُو ہےخورشیدِرسالت پیارے،چھپ گئےتیری ضیامیں تارے

انبیا اور ہیں سب مہ پارے،تجھ سے ہی نور لیا کرتے ہیں([1])

تمام جهانن جا نبي

پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي هڪ شان الله پاڪ هيءَ به بيان ڪئي آهي. ارشاد آهي:

لِیَکُوۡنَ  لِلۡعٰلَمِیۡنَ  نَذِیۡرَا ۙ)۱(

(پارہ:18 سورۂ فرقان:1)

ترجمو ڪنزالعرفان: ته جيئن هو سڄي جھان وارن کي ڊيڄاريندڙ هجي.

هن آيتِ ڪريمه مان ثابت ٿيو ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم سڀني جهانن جا نبي آهن، هن ۾ به محبوبيت جي شان جو اظهار آهي. اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: ڪم جيترو وڏو هوندو، ان جي ذميواري به اوتري وڏي


 

 



[1]... حدائقِ بخشش،صفحہ:112۔