Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

12 ربيع الاول جي ڏينهن، ظهر کان عصر تائين جلوسِ ميلاد ۾ سڀ ذميدار ۽ شعبي وارا مرحبا يا مصطفى جا نعرا لڳائيندي شاندار طريقي سان اوّل کان آخر تائين شرڪت ڪن. شعبن جا 2 اسلامي ڀائر پنهنجي شعبي جو بينر کڻي اڳيان هلندا ۽ باقي اسلامي ڀائر انهن جي پٺيان سادگيءَ سان، مٿو جھڪائي، مدني پرچم کڻي ۽ زبان تي نعتن جا نغما سجائي، نهايت ئي پُروقار انداز ۾   شرڪت ڪن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 نماز پڙهڻ جا فائدا ۽ نه پڙهڻ جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدُ لله! اسان جشنِ ولادت ملهائڻ وارا به آهيون ۽ نمازي به آهيون. نماز اسان جي آقا، مديني واري مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي اکين جي ٿڌاڻ آهي. انهيءَ لاءِ نماز جو پورو پورو خيال رکڻ ضروري آهي، خاص ڪري ميلاد شريف ۽ جلوسِ ميلاد جي مصروفيتن ۾ نماز جا وقت ياد رکيا وڃن. ائين نه ٿئي جو ميلاد جون خوشيون ملهائيندي (معاذَ الله!) نمازون قضا ٿي وڃن. * نماز اَوَّلين فريضو آهي * نماز قبر جي انڌيريءَ ۾ روشني آهي * نماز قبر جي عذاب کان بچائي ٿي * نماز قيامت جي سخت گرمي ۾ ڇانوَ آهي * نماز پلصراط کي پار ڪرڻ ۾ مددگار آهي * نماز دوزخ جي عذاب کان بچائي ٿي * نماز سان رحمت نازل ٿيندي آهي * نماز گناهن جي معافي جو سبب بڻجي ٿي * نماز دعائن جي قبوليت جو ذريعو آهي * نماز بيمارين کان بچائي ٿي * نماز سان جسم کي آرام ملي ٿو * نماز سان روزيءَ ۾ برڪت ٿئي ٿي * نماز بيحيائي ۽ بُرن ڪمن کان روڪيندي آهي * نماز قربِ خدا ۽ قربِ مصطفى جو سبب بڻجي ٿي.