Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

ته) گهٽ ۾ گهٽ 313 دفعا درود پاڪ پڙهندا ڪريو. نيت ڪريو! اڄ ئي کان هن نيڪ عمل کي مضبوطي سان اپنائينداسين، وقت مقرر ڪري روزانو گهٽ ۾ گهٽ 313 دفعا درود شريف لازمي پڙهنداسين. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات  عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

       اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت ٻانهي کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔  

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

وڏي رحمت عطا ٿيڻ واري رات

هڪ دفعي اڌ رات جو وقت هو، الله پاڪ جي نبي حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام جي حوارين (يعني سندن تي ايمان آڻڻ وارن خوشنصيبن) نماز ادا ڪئي، پوءِ حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. اها هڪ نرالي رات هئي، ڪهڙي رات هئي؟ حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام جي زبان سان ٻڌو!

   پاڻ پنهنجي حوارين(يعني سندن تي ايمان آڻڻ وارن خوشنصيبن) کي فرمايو: "اڄ اها رات آهي جيڪا مسيحا رسول (يعني محمد مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي زماني ۾ سالياني جشن طور ملهائي ويندي، ان ڪري مان نٿو چاهيان ته اڄ


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔