Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

ذيشان کي ڏني ويندي آهي. الله پاڪ سڀني انبياءِ ڪرام عَـلَـيْـهِمُ الـسَّـلَام کي هڪ هڪ قوم ۽ هڪ هڪ خطي جو نبي بڻايو پر محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم کي اهو شان عطا ڪيو جو جيتري مخلوق ۽ جيترا جهان آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم کي سڀني جو نبي  بڻايو. ان مان خبر پوي ٿي ته هڪ خطي ۽ سڀني جهانن ۾ جيترو فرق آهي، محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جو شان به سڀني نبين جي شان کان ايترو ئي وڌيڪ آهي.[1]

نبي ۽ امتي جو بنيادي فرق

پيارا اسلامي ڀائرو! امام فَخْرُ الدِّين رازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏي پياري تحقيق ڪئي، لکن ٿا: (جيتوڻيڪ نبوت ڪسبي ناهي، اعمال سان حاصل نٿي ڪري سگهجي، هي خاص الله پاڪ جو انتخاب آهي، البت) رَبِّ ڪريم جن کي نبوت لاءِ منتخب فرمائيندو آهي، اهو ضروري آهي ته هو روحاني طاقت ۾ به ۽ جسماني طاقت ۾ به پنهنجي اُمّت کان وڌيڪ هجي. لهٰذا * انبياءِ ڪرام عَـلَـيْـهِمُ الـسَّـلَام کي رفتار، ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سونگهڻ، ڇُهڻ، عقل  ۽ فهم جي طاقت به سڄي اُمّت کان وڌيڪ ڏني ويندي آهي. * پوءِ ان سان گڏوگڏ انهن جو روح به تمام ماڻهن کان وڌيڪ پاڪ صاف ۽ لطيف هوندو آهي.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي سمجھڻ جي ڳالهه آهي، اسان جا پيارا آقا صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم * سڀني جهانن جا نبي آهن * فرشتن جا به نبي آهن * نبيّن جا به نبي آهن * رسولن جا به نبي آهن ۽ * سڄي مخلوق جا نبي آهن، هي سڀئي پاڻ     صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا امتي آهن ۽ اسان ٻڌي چڪا آهيون: نبي جي ڏسڻ جي طاقت امت کان وڌيڪ هوندي آهي * نبي جي ٻڌڻ جي طاقت امت کان وڌيڪ هوندي آهي * نبي جي چکڻ جي طاقت، سونگھڻ جي طاقت، ڇُهڻ جي طاقت، عقل،


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ، جلد:30، صفحہ:145، 146 ملخصاً۔

[2] تفسیرِ کبیر، پارہ:3، سورۂ آل عمران، زیرِ آیت:33، جلد:3، صفھہ:199، 200 ملخصاً