Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

جشنِ ولادت ملهائيندا هئا. پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سال ۾ هڪ ڀيرو نه پر هر هفتي يعني هر سومر شريف تي روزو رکي پنهنجو جشنِ ولادت ملهائيندا هئا.

اسان به اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! جشنِ ولادت وڏي شان سان ملهائينداسين.

جشنِ ولادت جي خوشي ۾ صاف سٿرا ڪپڙا پائينداسين، تيار ٿي جلوسِ ميلاد ۾ به شرڪت ڪنداسين، آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جا نعرا به لڳائينداسين ۽      اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان جي بي مثال آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جشنِ ولادت آهي. الحمد للہ! اسان دل ۽ جان سان خوش به آهيون ۽ ربِّ ڪريم جا شڪرگذار به آهيون.

منانا جشنِ میلادُالنبی ہرگز نہ چھوڑیں گے                                                                  جلوسِ پاک میں جانا کبھی ہرگز نہ چھوڑیں گے

لگاتے جائیں گے ہم یارسولَ اللہ کے نعرے                                          مچانا مرحبا کی دھوم بھی ہرگز نہ چھوڑیں گے

نبی کے نام پر سو جان سے قربان ہوجائیں                                                             غلامانِ نبی ذِکرِ نبی ہرگز نہ چھوڑیں گے([1])

جلوسِ ميلاد ۾ شرڪت ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! جلوسِ ميلاد ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪنداسين. * جلوسِ ميلاد ۾ گاڏين، موٽر سائيڪلن ۽ پيادل هر طريقي سان ڀرپور تياري سان شرڪت ڪئي وڃي. * جلوسِ ميلاد ۾ نظم ۽ ضبط (Discipline)  جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. * جلوسِ ميلاد ۾ اهي ئي نعتون ۽ نعرا لڳايا وڃن جيڪي پاڪستان مشاورت آفيس يا صوبائي آفيس طرفان جاري ڪيا وڃن. هر يونين ڪائونسل (UC)، وارڊ ۽ ٽائون جا نگران ۽ ذميوار پنهنجو الڳ بينر تيار ڪن، جنهن تي پنهنجي UC، وارڊ يا ٽائون جو نالو لکيل هجي.


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:414-415ملتقطاً۔