Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

آهي ته اهو هڪ نبي جنهن کي سڀني تي فضيلت ڏني وئي آهي، ان مان مراد منهنجا ۽ توهان جا آقا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن.[1]

انهيءَ ڪري ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:

سب سے اَوْلیٰ و اَعْلیٰ ہمارا نبی                                                                                                                  سب سے بالا و والا ہمارا نبی

خَلْق سے اَوْلیا، اَوْلیا سے رُسُل                                                                                                              اور رسولوں سے اعلیٰ ہمارا نبی([2])

وضاحت: ڪمال ڪيو آهي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه...!! شعر جو وزن به نه ٽُٽو، لفظن جو حُسن به پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي، ادب جا به سمورا تقاضا پورا آهن، پوءِ ان سان گڏ ترتيب به ڏسو! ڪيتري پياري آهي. * سڀني کان پهريون رُتبو عام مخلوق جو آهي * عام مخلوق کان اولياءِ ڪرام افضل آهن
 * سڀني امتن ۾ سڀ کان بلند رُتبو حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو آهي  * اُن کان بلند رُتبو انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام جو آهي * انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام کان بلند رُتبو رسولن جو آهي * پوءِ رسولن ۾ سڀني کان بلند رُتبو اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو آهي. Top of FormBottom of Form

خُدا کے بعد افضل جاننا تم کو دو عالم سے                                               یہی تو ہے ہمارا دِین و ایماں یارسولَ اللہ!

 اهڙي شان ڪنهن کي نه ملي

پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه تي ٿورو غور فرمايو! الله پاڪ فرمايو:

وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍؕ     (پارہ:3، سورۂ بقرہ:253)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي درجا بلند ڪيائين.


 

 



[1] تفسیرِکبیر، پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:253، جلد:2، صفحہ:521 مفہوماً۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:138 ملتقطاً۔