Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

توهان جيڪا خوشبو استعمال ڪندا آهيو، توهان ان خوشبوءَ جي شيشي کي هٿ ۾ نه وٺو، ڪپڙن تي نه لڳايو، صرف ويهي ڪري ان خوشبوءَ جو نالو وٺڻ شروع ڪيو، ڇا توهان کي خوشبو اچي ويندي؟ ڇا ڪپڙا معطر ٿي ويندا؟ ڇا نڪ ۽ سونگھڻ جي حواس کي تسڪين ملندي؟ نه...!! ائين ناهي ٿيندو. توهان کي خوشبو سونگھڻي ۽ لڳائڻي پوندي، پوءِ خوشبو ايندي بلڪه اسان جو حال ته اھو آھي جو اسان خوشبو لڳائي به وٺون ته ٿوري دير کان پوءِ محسوس ٿيڻ بند ٿي ويندي آهي، قربان وڃون! آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمجي سونگھڻ جي طاقت مبارڪ تي...!! ڪو غير مسلم مئو ناهي، ان جي روح قبض ناهي ڪئي وئي، ان مان بدبوءِ پکڙجي ناهي، صرف حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي ٻڌايو آهي ته جڏهن غير مسلم جي روح نڪري ويندي آهي ته ان مان بدبو پکڙجي ويندي آهي، صرف زبان مبارڪ سان اھو چيو ئي ھو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  کي اھا بدبو محسوس ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ سندن مبارڪ نڪ تي ڪپڙو رکي ڇڏيو.

   اھا آھي اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمجي سونگھڻ جي طاقت...!! قرآنِ پاڪ ۾ ذڪر آهي ته حضرت يوسف عَلَيْهِ السَّلام جو ڪرتو مبارڪ مصر کان هليو هو، حضرت يعقوب عَلَيْهِ السَّلام کي ڪَنۡعان ۾ ويٺي ميلن جي مفاصلي تان ان جي خوشبو محسوس ٿي وئي هئي، اھو به وڏو ڪمال آھي...!! پر سوچيو ته سهي اتي جيتوڻيڪ ميلن جو فاصلو آھي پر خوشبو موجود ته آھي، ھتي خوشبو يا بدبوءِ موجود ئي ناھي، رڳو ان جو نالو ورتو آھي ۽ محسوس ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي...!!

بيان جو خلاصو

  سُبْحٰنَ اللہ! اھي آھن منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا شان...!! مطلب ته؛ اللہ پاڪ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي هر لحاظ کان سڄي مخلوقَ