Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

سڀني کان بلند (اوچي) رتبي وارا نبي

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني کان بلند مرتبي وارا نبي آهن. * جيڪو رُتبو * جيڪو مقام * جيڪا فضيلت * جيڪو شان * جيڪا عظمت * جيڪا عزت     * جيڪو قرب * جيڪي درجا * جيڪي بلنديون ۽ عروج ربِّ رحمٰن، مالڪِ ڪائنات، خالقِ ڪائنات پنهنجي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيا آهن، اهڙو رُتبو، اهڙو مقام، اهڙي عظمت، اهڙي شان، اهڙو قرب، اهڙو عروج نه پهرين ڪنهن کي مليو آهي، نه ايندڙ وقت ۾ ڪنهن کي ملي سگهندو.

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:  

تِلْكَ الرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلٰى بَعْضٍۘ-مِنْهُمْ مَّنْ كَلَّمَ اللّٰهُ وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍؕ   

(پارہ:3، سورۂ بقرہ:253)

ترجموڪنزُالعرفان: هي رسول آهن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني انهن مان ڪنهن سان الله ڪلام فرمايو ۽ ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي درجا بلند ڪيائين.

هن آيتِ ڪريمه ۾ صاف فرمايو ويو:

وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍؕ   

يعني هڪ نبي اهڙو آهي، جنهن کي سڀني نبين سڳورن عَـلَـيْـهِمُ الـسَّـلَام تي ڪيترا ئي درجا بلندي عطا ڪئي وئي آهي، علمِ تفسير جي سڀني عالمن جو اتفاق