Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

صفاتِ الهيءَ جا مظهر

ترمذي شريف ۾ هڪ روايت آهي، علماءِ ڪرام ان روايت جي وضاحت ڪئي آهي. ان تشريح کي سامهون رکندي مان اوهان کي هي روايت ٻڌايان ٿو. رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي آهن: حضرت ابو رَزِين رضي الله عنه. سندن پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سوال ڪيو: اَیْنَ کَانَ اللہ قَبْلَ اَنْ یَخلُقَ خَلْقَہٗ يعني يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! * هاڻي هي جهان موجود آهي، پوري ڪائنات موجود آهي، ان جي ذرن ذرن ۾ الله پاڪ جي قدرتن ۽ صفتن جو اظهار نظر اچي ٿو، اوچا اوچا جبل ڏسو، الله پاڪ جي قدرت ياد ايندي آهي۔ ننڍي ڪِوِل کان وٺي هاٿين تائين، وڏن وڏن جانورن کي ڏسو، انهن سڀني کي رزق ملي رهيو آهي، ان ۾ الله پاڪ جي رزّاق هجڻ جي صفت جو اظهار نظر اچي ٿو. ماءُ جي محبتن کي ڏسو، پيءُ جي شفقتن کي ڏسو ان ۾ الله پاڪ جي رحمتن جو اظهار نظر اچي ٿو. مطلب ته تمام مخلوق ۾ الله پاڪ جي صفتن جو ڪنهن حد تائين اظهار نظر اچي ٿو پر سوال اهو آهي ته * جڏهن هي زمين به نه هئي * آسمان به نه هيو * مخلوق به نه هئي     * انسان، جن ۽ ملائڪ به نه هئا، * ڪجهه به نه هو، فقط الله پاڪ جي ذات هئي، يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اُن وقت الله پاڪ جي صفتن جو اظهار ڪٿي ٿي رهيو هو؟

سوال ڏاڍو نرالو آهي، ڏاڍو دلچسپ ۽ ڄاڻ ڏيندڙ به آهي. هاڻي ان جو جواب ٻڌو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: کَانَ فِیْ عَمَاءٍ يعني * جڏهن نه زمين هئي * نه آسمان هو * ۽ نه ڪا ٻي مخلوق هئي ان وقت هڪ بادل(ڪڪر) نما شيءِ هئي الله پاڪ جي صفتن جو اظهار ان ۾ ٿي     رهيو هو.